شڪلوئي چوٽي

شڪلوئي چوٽي: هيءَ چوٽي گورک چوٽيءَ جي اتر ۾، نئن گاج جي بلڪل مٿان کيرٿر جبل ۾ واقع آهي. گورک ۽ شڪلوئي چوٽين جي وچ ۾ شڪلوئي لڪ آهي. شڪلوئي چوٽيءَ تي ڌونڌار نالي سان هڪ واهي دائمي طور وهندي رهي ٿي. ان واهيءَ جي پاڻيءَ تي چڱي پوکي ٿئي ٿي.


لفظ شڪلوئي چوٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو